پي ڊي ايم مهانگائي خلاف صوبن ۾ مارچ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

پي ڊي ايم مهانگائي خلاف صوبن ۾ مارچ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

مولانا فضل الرحمان جِي صدارت ۾ پي ڊي ايم جَي ورچوئل اجلاس دوران ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ مهانگائي ۽ حڪومت مخالف تحريڪ تي مشاورت ڪئي وئي

ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مهانگائي خلاف صوبن ۾ مارچ ڪيو ويندو ۽ اُن مارچ کي ختم ڪري لانگ مارچ جِي شروعات ڪئي ويندي

13 نومبر تي ڪراچي، 17 نومبر تي ڪوئيٽا ۽ 20 نومبر تي پشاور مهانگائي خلاف مارچ ڪيو ويندو، پارليامينٽ ۾ نيب ترميمي آرڊيننس جِي منظوري روڪڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، ذريعن موجب اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جِي پي ڊي ايم ۾ واپسي تي به غور ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔