پي ڊي ايم وڌندڙ مهانگائي خلاف حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جو هنگامي اجلاس اڄ ٻنپهرن جو طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ۽ وڌندڙ مهانگائي جي خلاف احتجاج جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ شهباز شريف، مريم نواز، محمود خان اچڪزئي، ڊاڪٽر مالڪ بلوچ، آفتاب شير پائو، اويس نوراني، پروفيسر ساجد مير ۽ ٻيا شرڪت ڪندا. پارٽي اڳواڻ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. مولانا فضل الرحمان وڊيو لنڪ تي ڊي آءِ خان مان اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
اجلاس ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ۽ وڌندڙ مهانگائي جي خلاف احتجاجي حڪمت عملي غور هيٺ ايندي. 10 نومبر تي طلب پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي باري ۾ گڏيل جامع حڪمت عملي ٺاهڻ تي به غور ڪيو ويندو.
حڪومت کي طلب ڪيل گڏيل اجلاس کان 18 بل پاس ڪرائڻا آهن جنهن ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ، اي ووٽنگ ۽ اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جو بل به شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔