ملڪ ۾ ڊينگي جا وار جاري، پنجاب ۾ فوتين جو انگ 63 ٿي ويو

لاهور: سموري ملڪ ۾ ڊينگي جي ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ جاري آهي. پنجاب ۾ ڊينگي سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 63 ٿي ويو آهي. اسلام آباد ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به ڊينگي جي ڪيسز ۽ فوتگين ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
پنجاب ۾ وڌيڪ 561 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. گڏيل ڪيسز جو انگ 17 هزار 588 ٿي ويو آهي. جڏهن ته گڏيل فوتين جو انگ 63 ٿي ويو آهي. هيلٿ کاتي جي سيڪريٽري عمران سڪندر بلوچ موجب لاهور جي اسپتالن ۾ ڊينگي جا هڪ هزار 562 مريض داخل آهن. جڏهن ته سموري پنجاب جي سرڪاري اسپتال ۾ ڊينگي جي مريضن لاءِ 5 هزار 436 بسترا مقرر ڪيا ويا آهن.
هوڏانهن اسلام آباد ۾ به ڊينگي جا وار جاري آهن. وڌيڪ 86 مريض اسپتال ۾ داخل آهن. جڏهن ته پنجاب جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جي مريضن لاءِ 5 هزار 436 بسترا مقرر ڪيا ويا آهن. هوڏانهن اسلام آباد ۾ به ڊينگي جا وار جاري آهن وڌيڪ 86 مريض سامهون اچي ويا آهن. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڊينگي جي گڏيل مريضن جو انگ 4 هزار 71 ٿي ويو آهي. اسلام آباد ۾ فوتين جو انگ 17 آهي.
خيبرپختونخواهه ۾ ڊينگي سبب صورتحال خراب ٿيڻ لڳي آهي. وڌيڪ 183 ڪيسز رپورٽ ٿيا. پشاور ۾ ڊينگي جي مريضن جو انگ 7 هزار 843 ٿي ويو آهي. جڏهن ته صوبي ۾ فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 9 ٿي ويو آهي. پشاور ۾ متاثر ماڻهن جو انگ 3 هزار 599 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔