مسٽر ايڊمنسٽريٽر! توهان ڪٺ پتلي آهيو: چيف جسٽس مرتضيٰ وهاب کي عدالتي ڪمري مان ڪڍي ڇڏيو

ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس شهر جي فلاحي پلاٽس ۽ ڪي ڊي اي جي زمينن تي قبضن بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته مسٽر ايڊمنسٽريٽر توهان ڪٺ پتلي آهيو. چيف جسٽس مرتضيٰ وهاب کي عدالتي ڪمري مان ڪڍي ڇڏيو

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته فلاحي پلاٽس تي قبضن بابت توهان رپورٽ جمع ڪرائي آهي، ان تي مرتضيٰ وهاب چيو ته اهڙا 200 فلاحي پلاٽس آهن، چيف جسٽس چيو ته توهان اسان کي ليڪچر نه ڏيو پر ڪم ڪري ڏيکاريو، رفاحي پلاٽس تي جيڪي قبضا ٿيل آهن اهي ختم ڪرائي راندين جا ميدان بحال ڪيو. ان تي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي جا 42 پارڪس فعال آهن ۽ ڪي ايم سي جا 9 هزار دوڪان آهن ۽ اسان انهن مان روينيو جنريٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ان تي جسٽس اعجاز الحسن چيو ته توهان کي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ ڪنهن چيو آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته گذريل حڪومتن اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي. 9 پيٽرول پمپس ۽ دوڪانن جو ڪرايو به وڌايو ويو آهي

چيف جسٽس چيو ته ناظم آباد فائيو ڊي واري پارڪ جي حالت ڏسي وٺو، اتي ٻار راند به کيڏي نه ٿا سگهن. مرتضيٰ وهاب عدالت کي چيو ته ڊي ايم سي جي باري ۾ ڪجهه نه ٿو چئي سگهان، هي منهنجو شهر آهي. ٻن مهينن دوران جيڪو ٿي سگهيو اهو ڪم ڪري رهيو آهيان. چيف جسٽس کيس مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا توهان اهو سمجهو ٿا ته ٽي وي تي ڳالهائي رهيا آهيو ۽ اسان توهان جون ڳالهيون ٻڌي مطمئن ٿي وينداسين؟ مرتضيٰ وهاب چيو ته مان پنهنجو ڳالهائڻ وارو حق استعمال ڪري رهيو آهيان. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مرتضيٰ وهاب کي عدالتي ڪمري مان وڃڻ لاءِ چيو. ان کان اڳ چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته مسٽر ايڊمنسٽريٽر! توهان ڪٺ پتلي آهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔