ڪراچي ۾ سالن کان ھلي رھيو آھي جيڪو اچي ٿو مال ميڙي ٿو ۽ ھليو وڃي ٿو: چيف جسٽس

ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آھي تھ ڪراچي ۾ سالن کان ھلي رھيو آھي تھ جيڪو اچي ٿو مال ميڙي ٿو ۽ ھليو وڃي ٿو،ائين لڳي ٿو ته وفاقي حڪومت به مفلوج آهي، اٽارني جنرل صاحب! سنڌ جو وڏو وزير چئي ٿو ته وفاق سهڪار نه پيو ڪري، وفاقي حڪومت کان هدايتون وٺي عدالت کي آگاهه ڪريو

سپريم ڪورٽ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي موجودگيءَ ۾ اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي وئي، چيف جسٽس گلزار احمد پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته توهان وفاقي حڪومت جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، اُهي اچي ويهي رهندا ته توهان ڪيڏانهن ويندئو؟ وڏي وزير چيو ته آئون اِن تي ڪجهه به ڳالهائڻ نٿو گهران، منهنجو بيان سياسي ٿي ويندو، جسٽس قاضي امين اٽارني جنرل کي چيو ته سنڌ حڪومت کي جيڪي آفيسر گهرجن، کين ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس چيو ته ڪنهن جي سفارش جي انتظار ۾ ويٺا هوندا.

سپريم ڪورٽ طرفان حددخلين خلاف ڪيس تي ٻڌڻي دوران وڏي وزير مراد علي شاهه کان پڇاڻو ڪيو ويو، عدالت چيو تھ وزيراعليٰ صاحب! هي رڳو ڪراچي نه، پر سڄي سنڌ جو مسئلو آهي، ڪالهه حيدرآباد مان آيس پئي ته اُتي به ڌوڙ کانسواءِ ڪجهه به نه هو، پارڪس ۽ راندين جي ميدانن تي قبضا ٿي چڪا آهن، انتظاميا ڪٿي آهي؟

وڏي وزير مراد علي شاهه عدالت اڳيان انتظامي مسئلن جو اعتراف ڪندي چيو ته اسان حددخلين خلاف ڪم ڪرڻ گهرون ٿا، چيف جسٽس چيو ته وِل نظر نٿي اچي، وڏي وزير چيو اهو ٿورو غلط هوندو ته وِل نظر نٿي اچي، کوڙ شيون کُليل عدالت ۾ نٿو ٻڌائي سگهان، چيف جسٽس چيو ته وري ڪڏهن موقعو مليو ته ٻڌنداسين، هر مسئلي جو حل موجود آهي، توهان ڪجهه نه ڪري رهيا آهيو.

سپريم ڪورٽ چيو تھ سنڌ حڪومت جي ماتحت ادارن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ماسٽر پلان گهرون ٿا پر اُهو نٿو ملي، ٻڌايو ته ڪهڙو ماسٽر پلان آهي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته نالن تي آپريشن متاثرن متبادل جاءِ ڏيڻ جو چيو هو، شهرين جي بحالي تي سنڌ حڪومت هٿ مٿي ڪري ڇڏيا، ايترن ڪمن لاءِ پئسا آهن، پر متاثرن لاءِ نه، اگر مگر ناهي، بس بحالي جو ڪم ڪريو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔