مستونگ ۾ سي ٽي ڊي جي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي، نو دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئٽه: مستونگ ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ طرفان ڳجهي اطلاع تي ڪيل ڪارروائي ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
رپورٽ موجب بلوچستان جي ضلعي مستونگ جي علائقي روشي ۾ ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ جي اهلڪارن دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي.
آپريشن دوران مبينه فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 9 مبينه دهشتگرد مارجي ويا. لاشن کي سڃاڻپ ۽ ٻئي قانوني ڪارروائي جي لاءِ ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، ان حوالي سان سي ٽي ڊي جي ترجمان ٻڌايو آهي ته روشي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم استعمال هيٺ ڪيمپ جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي.
اهو ڪيمپ صوبي ۾ تازي دهشتگرد ڪارروائين جي لاءِ استعمال ٿيو هو. ڪيمپ مان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ آيو آهي جنهن ۾ 9 ڪلاشنڪوف، 20 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو، ڊيٽونيٽر ۽ آر پي جي راڪيٽ سان گڏ 2 گولا به شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔