وزيراعظم عمران خان ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري لاءِ سعود ي عرب روانو ٿي ويو آهي.
رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد کان سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وزير حماد اظهار ۽ ماحولياتي تبديلي بابت صلاحڪار ملڪ امين اسلم وزيراعظم عمران خان سان گڏ آهن.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت طرفان ٻڌايو ويو هو ته وزيراعظم عمران خان ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان عبدالعزيز جي دعوت تي سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي. ان دوري دوران هو سعودي اڳواڻن سان ٻطرفن لاڳاپن تي به ڳالهيون ڪندو ۽ پاڪستان ۾ سرمائيڪاري کي هٿي جي حوالي سان تقريب ۾ به شرڪت ڪندو.
وزيراعظم عمران خان مڊل ايسٽ گرين انيشينيوسمٽ جي لانچنگ تقريب ۾ شرڪت ڪندو جتي هو ماحولياتي تبديلين سبب ترقي يافته ملڪن کي پيش ايندڙ مسئلن بابت نقطه نظر پيش ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔