لاهور ۾ بندش پيل تنظيم جي ريلي، گاڏين جي ٽڪر ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد

لاهور: پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بندش پيل تنظيم ٽي ايل پي جي ريلي ۾ شريڪ ٻن گاڏين جي ٽڪر ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا

پوليس جي ترجمان موجب شهيد پوليس اهلڪارن ۾ ايوب ۽ خالد شامل آهن، ٻئي اهلڪار گوالمنڊي ٿاڻي تي مقرر هئا، ٻئي پاسي ايم اي او ڪاليج ويجهو  پوليس ۽ بندش پيل تنظيم جي ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون به ٿيون ۽ مظاهرين جي پٿراءَ ۾ ايس ايڇ او سميت 6 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

بندش پيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان پاران لاهور کان وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ شروع ڪيو ويو آهي. لاهور شهر جي داخلي ۽ ٻاهريان رستا ڪنٽينر لڳائي بند ڪيا ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن کي شهر کان ٻاهر وڃڻ نه ڏنو ويند

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔