پاڪستان پاران ڀارت سان دنگل لاءِ قومي ٽيم جو اعلان

ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ جي مها دنگل ۾ ڀارت خلاف وڏي دنگل لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي

قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ڀارت خلاف قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو. قومي ٽيم ۾ ڀارت خلاف دنگل لاءِ جن رانديگرن کي شامل ڪيو ويو آهي، انهن ۾ محمد رضوان، فخر الزمان، بابر اعظم، محمد حفيظ، حيدر علي، شعيب ملڪ، آصف علي، شاداب خان، عماد وسيم، حسن علي، شاهين شاهه آفريدي ۽ حارث رئوف شامل آهن

لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي رزرو رانديگرن ۾ رکيو ويو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ جو مها دنگل سڀاڻي آچر تي رات 7 وڳي ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔