پاڪ ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ ويل شيخ رشيد کي وزيراعظم گهرائي ورتو

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان جي گهرائڻ تي شيخ رشيد گڏيل عرب امارت کان وطن واپس پهچي ويو

گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد گذريل ڏينهن يو اي ئي روانو ٿيو ۽ هن جو چوڻ هو ته هن وزيراعظم کان ٻن ڏينهن جي موڪل ورتي آهي ۽ هو پاڪ ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو آهي

شيخ رشيد پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ لاءِ گڏيل عرب امارت ويو هو جتان هو هنگامي طور تي وطن واپس اچي ويو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان موجوده ملڪي صورتحال کي نظر ۾ رکندي گهرو وزير شيخ رشيد کي واپس وطن گهرايو

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان مهانگائي جي خلاف اپوزيشن جي احتجاج ۽ راولپنڊي ۾ پابندي مڙهيل جماعت جي احتجاج جي ڪري شيخ رشيد کي واپس گهرايو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔