زلزلي جي لوڏن باوجود ڪيوي وزيراعظم جي پراعتماد انداز ۾ پريس ڪانفرنس

ويلنگٽن نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن زلزلي جي لوڏن دوران پراعتماد انداز ۾ پريس ڪانفرنس جاري رکي، جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
نيوزيلينڊ جي تخت گاهه ويلنگٽن ۾ 5.9 شدت جو زلزلو ان وقت رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن ڪورونا وبا بابت پريس ڪانفرنس ڪري رهي هئي.
ان دوران جيسنڊا مُرڪندي پراعتماد انداز ۾ پنهنجي گفتگو جاري رکي ۽ رپورٽر کي چيو ته خلل لاءِ معذرت، ڇا توهان پنهنجو سوال ورجائي سگهو ٿا؟
واضح رهي ته نيوزيلينڊ ۾ زلزلي جي لوڏن دوران ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔