چين دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ جديد ٺوس ٻارڻ واري راڪيٽ انجڻ جو تجربو ڪري ورتو آهي.
چيني ميڊيا موجب چائنا ايرواسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڪارپوريشن جو چوڻ آهي ته چين پاران پهريون ڀيرو دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ فني لحاظ کان جديد ترين ٺوس ٻارڻ واري راڪيٽ انجڻ جو تجربو ڪيو ويو آهي. تجربو ڪندڙ سي اي ايس سي موجب ان راڪيٽ جي 3.5 ويڪري انجڻ 500 ٽن جي طاقت پيدا ڪري سگهي ٿي.
هي راڪيٽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين آسان منتقلي ۽ فوري لانچ ڪرڻ جي صلاحيت سبب ميزائيل يا ٻيو سامان فوجي پليٽ فارم تي پهچائڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا.