شيخ رشيد پاران لال حويلي کي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان

راولپنڊي: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد پنهنجي رهائشگاهه لال حويلي کي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪاليج فار وومين ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته راولپنڊي ۾ جيڪو به پلاٽ خالي نظر اچي اتي ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز ٺاهيو. شيخ رشيد پنهنجي رهائشگاهه لال حويلي کي به مستقبل ۾ يونيورسٽي ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ڇوڪرين کي پرڏيهه جي چوٽيءَ جي يونيورسٽيز مان تعليم ڏيارڻ لاءِ لال حويلي ڪردار ادا ڪندي.

تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته پڙهائي جي معاملي ۾ ڇوڪرا نالائق آهن ۽ ڇوڪريون گهڻو اڳتي نڪري ويون آهن. وفاقي وزير چيو ته ايندڙ چونڊن کان اڳ مسلم ليگ نون جو ميم ۽ شين کانپوءِ ٽيون ڌڙو به سامهون اچي ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔