آصف علي زرداري جي شڪي ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ بريت واري درخواست رد

ڪراچي: اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي شڪي ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ بريت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

اڄ صبح جو اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ آصف علي زرداري 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن جي نيب ريفرنس ۾ پيش ٿيو هو

آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ اختيارن جي ناجائز استعمال يا غير قانوني رقم وٺڻ جو ڪو به الزام ناهي، عدالت نيب کي نوٽيس جاري ڪري جواب وٺي.

فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته نيب ترميمي آرڊيننس کانپوءِ ڪوبه ڪيس نٿو ٺهي ۽ نه ئي فرد جرم لاڳو ٿي سگهي ٿو.

احتساب عدالت جي جج اصغر علي چيو ته پهريان عدالت کي مطمئن ڪيو وڃي ته درخواست ٻڌڻ جوڳي آهي به يا نه.

جنهن بعد عدالت آصف علي زرداري جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو ڪجهه ئي ڪلاڪن بعد ٻڌايو ويو ۽ اڳوڻي صدر جي بريت واري درخواست رد ڪئي وئي.

ياد رهي ته اسلام آباد جي احتساب عدالت آصف زرداري کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔