آغا سراج دراني سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

آغا سراج دراني جي وڪيل شاھد سومرو جو چوڻ آهي ته سراج دراني وڪيلن جي پينل سان مشاورت ڪئي آھي، آئون به آغا جي وڪيلن جي پينل ۾ آھيان.

ايڊووڪيٽ شاھد سومرو چيو ته اسان سومر ڏينھن تي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪنداسين، درخواست ۾ موقف اختيار ڪنداسين ته نيب ترميمي آرڊيننس کانپوءِ ضمانت جون درخواستون ٻڌڻ جو اختيار احتساب عدالت وٽ آھي، جنھن گرائونڊ تي آغا سراج دراني جي ضمانت رد ڪئي وئي آھي ان کي به چيلنج ڪنداسين.

هن چيو ته ڳڙھي ياسين ۾ آغا سراج جي ملڪيت ايتري آھي جو جيڪا اثاثا نيب ظاھر ڪيا آھن انھن مان ايتري ملڪيت ٺاھي سگھجي ٿي.

واضع رھي ته نيب پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ھو ته 2018 ۾ آغا سراج دراني جا اثاثا صرف 18 ڪروڙ رپين جا ھئا ۽ 2019 ۾ آغا سراج جا اثاثا ھڪ ارب 63 ڪروڙ رپين جا ٿي ويا، ڪالهه عدالتي فيصلي ۾ به چيو ويو هو ته آغا سراج دراني جي اثاثن ۾ هڪ ارب 61 ڪروڙ جو فرق آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔