باپ ترجمان جو ڄام ڪمال تي هارس ٽريڊنگ جو الزام

ڪراچي: بلوچستان عوامي پارٽي جي ترجمان وڏي وزير ڄام ڪمال تي هارس ٽريڊنگ جو الزام هڻي ڇڏيو.

بي اي پي جي ترجمان سردار عبدالرحمان کيتران چيو آهي ته ڄام ڪمال منهنجي پٽ ذريعي مون کي هڪ آفر موڪلي هئي، منهنجي پٽ کي من پسند وزارت ۽ ٻيون مراعتن ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي.

هن چيو ته ڄام ڪمال وٽ ايتري همت ناهي جو هو مون کي آڇ ڪري، اسان فقير نه آهيون جو ڄام ڪمال کان ڪجهه گهرون.

بي اي پي جي ترجمان چيو ته اسان پنهنجي فيصلي تي قائم آهيون ۽ ڄام ڪمال کي هر حال ۾ وڃڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔