ڪڻڪ جو هدف پورو نه ٿيڻ تي 14 ضلعن جا آفيسر بدلي

خوراڪ کاتي طرفان ڪڻڪ جو هدف پورو نه ڪرڻ کانپوءِ 14 ضلعن جي ڊي ايف سيز ۽ اي ايف سيز جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن.
ان سان گڏ 5 ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولرن کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
حيدرآباد جي ڊي ايف سي روشن منگي کي هٽائي محمد علي چنڙ کي ڊي ايف سي مقرر ڪيو ويو.
ڄامشورو مان فراز عالم کي هٽائي شهزاد حيدر شاهاڻي کي ڊي ايف سي مقرر ڪيو ويو .
جيڪب آباد ۾ اسسٽنٽ ڊي ايف سي حاڪم مهر کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ان جي جاءِ تي آغا ذوالفقار کي نئون اسسٽنٽ ڊي ايف سي مقرر ڪيو ويو آهي.
نوشهروفيروز جي اسسٽنٽ ڊي ايف سي اسلم قريشي کي هٽائي قاضي رفيق کي اي ڊي ايف سي مقرر ڪيو ويو.
ميرپور خاص ۾ 15 گريڊ جي عملدار حسن مگسي کي ڊي ايف سي جي لُڪ آفٽر چارج حوالي ڪئي وئي.
دادو مان منصور ميراڻي کي بدلي ڪري ڊي ايف سي شهيد بينظير آباد مقرر ڪيو ويو.
عمرڪوٽ مان علي محمد ٽالپر کي هٽائي رپورٽ ڪرايو ويو، غلام علي سومري کي ڊي ايف سي عمرڪوٽ مقرر ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔