سنڌ ۾ ڳڻتي جوڳيون حالتون، رت جو عطيو ڏيندڙن ۾ خطرناڪ بيمارين جا انڪشاف

ڪراچي: رت جو عطيو ڏيندڙن ماڻهن مان 5 سيڪڙو ڊونر ايڊز، هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ۽ مليريا جهڙي مرضن ۾مبتلا نڪتا.
24 ضلعن مان گڏ ڪيل انگ اکرن وڌيڪ خطرن جون گهنٽيون وڄائي ڇڏيون آهن، رت عطيو ڪندڙن ۾ ساڍا 13 سئو مطلب ته گڏيل ماڻهن جي 29 سيڪڙو ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا آهن.
سنڌ بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي موجب 8 مهينن دوران مختلف بلڊ بينڪس ۾ 4 لک 55 هزار کان مٿي رت جا عطيا ڏنا ويا، جن مان 24 هزار کان مٿي ماڻهن کي 5وڏيون بيماريون آهن.
سنڌ ۾ موذي مرضن مختلف وقتن تائين وڏا هاڃا ڪيا آهن جنهن جي حوالي سان صحت کاتي جا اپاءَ به ڪي جوڳا ناهن هوندا، اهڙي بيمارين جا نوان انڪشاف سنڌ ۾ ڳڻتي جوڳي لهر پيدا ڪرڻ کان گهٽ ناهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔