جوهري معاهدي تي ڳالهين جو دارومدار ايران تي آهي: آمريڪا

واشنگٽن: آمريڪي انتظاميا ايران جي جوهري معاهدي تي ڳالهين جي ٻيهر جلد بحالي جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڳالهين جي بحالي جو دارومدار ايران تي آهي.
پرڏيهي خابرو ادري موجب آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان نيڊ پرائس صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جوهري معاهدي جي بحالي لاءِ آمريڪا، ايران سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
هن چيو ته سفارتي رستو کليل آهي ۽ ايران چيو هو ته هو به جلد کان جلد ڳالهيون شروع ڪرڻ چاهين ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔