جي يو آءِ ڄام ڪمال جي مدد کان معذرت ڪري ڇڏي

ڪراچي: بلوچستان عوامي پارٽي طرفان وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف 12 آڪٽوبر تي بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، جي يو آءِ ڄام ڪمال جي مدد کان معذرت ڪري ڇڏي، مولانا فضل الرحمان سان عبدالغفور حيدري جي لاهور ۾ ملاقات ٿي.

 بلوچستان جَي وڏي وزير جي مدد جي درخواست بابت آگاهه ڪيو، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جي يو آءِ بلوچستان ۽ پارلياماني پارٽي جا فيصلا درست آهن، غفور حيدري چيو ته ڄام ڪمال ٽن سالن تائين غير جمهوري رويو اختيار ڪيو، سندس مدد نٿا ڪري سگهون.

 ٻئي پاسي بلوچستان اسيمبلي جي اپوزيشن پارٽين جي اپوزيشن ليڊر ملڪ سڪندر ايڊووڪيٽ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنھن ۾ جي يو آءِ، بي اين پي ۽  پشتونخوا ميپ جي پارلياماني اڳواڻن شرڪت ڪئي، جڏھن تھ اجلاس ۾ وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف تحريڪ عدم اعتماد جي حوالي سان غور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ بي اي پي جي ناراض  ميمبرز سان رابطا تيز ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔