سنڌ وفاق جي بصرن جي ايڪسپورٽ تي پابندي واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ سرڪار بصرن جي ٻاھرين ملڪ ايڪسپورٽ تي پابندي لڳائڻ واري وفاقي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

زراعت واري صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ جو چوڻ آهي ته بصرن جي ايڪسپورٽ تي وفاق جو ھڪ طرفو فيصلو ايڪسپورٽرز۽ سنڌجي آبادگارن لاءِ نقصان ڪارآھي.

منظور وساڻ چيو ته سنڌ سميت ٻين صوبن کي ٻڌائڻ بنا وفاق ايڪسپورٽ تي پابندي لڳائي جيڪا سنڌ جي زراعت لاءِ نقصانڪار آھي، فيصلو واپس  ورتو وڃي.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته بصرن جي ايڪسپورٽ تي پابندي لڳائڻ سان مھانگائي جو جن ڪنٽرول نه ٿيندو، بلڪي آبادگارن جو وڌيڪ نقصان ٿيندو، ناڻي واري وفاقي وزير کي زراعت جي الف بي جي به خبر ناھي، بصرن جي ايڪسپورٽ تي پابندي لڳائڻ ان جو اختيار ئي ناھي.

هن چيو آهي ته حڪومت جيڪڏھن مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ چاھي ٿي ته ڊي اي پي، ڀاد، يوريا، پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ڪري ۽ بني گالا ۾ لڪي ويٺل مافياز کي پڪڙي.

هن چيو آهي ته سنڌ جا بصر مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويا آھن جيڪا گذريل سال کان پیداوار 20 سيڪڙو وڌيڪ آھي، جڏھن به سنڌ جا بصر ۽ ٽماٽر مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿيندا آھن ته نالائق حڪومت ايڪسپو رٽ تي پابندي لڳائي ڇڏيندي آھي.

منظور وساڻ چيو آهي ته سنڌ جي آبادگارن ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي قيمتن ۾ بي پناھ اضافي جي باوجود بصرن جي بمپر پيداوار يقيني بڻائي، سنڌ جي آبادگارن جو ڪڏھن پاڻي بند ڪيو ٿووڃي ته ڪڏھن وري ايڪسپورٽ بندڪري اربين روپين جو نقصان ڏنو پيو وڃي.

منظور وساڻ چيو ته گذريل سال سنڌ جي آبادگارن وفاقي نااھلي سبب ٽماٽر ھزار ين ايڪڙن ۾ ضايع ڪري ڇڏيا، گذريل سال بصرن ۽ ٽماٽرن جي ايڪسپورٽ تي به پابندي نه لڳا ئڻ لاءِ وفاق کي خط لکيوپرھڪ به نه ٻڌي وئي

هن چيو ته بصرن جي ايڪسپورٽ تي پابندي لڳائڻ زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل 70 سيڪڙو عوام جومعاشي قتل آھي.

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔