سنڌ ۾ 12 کان 18 سالن جي ڄمار وارن ٻارن جي ويڪسين لازمي قرار

ڪراچي:  سنڌ جي صحت کاتي 12 کان 18 سالن جي ڄمار وارن ٻارن جي به ويڪسين لازمي قرار ڏئي ڇڏيو.

ڊي جي صحت سمورن ڊويزنن جي ڊائريڪٽرز کي خط لکي چيو ته 12 کان 18 سالن جي شاگردن کي سئو سيڪڙو ويڪسين جي يقيني بڻائي وڃي

ڊي جي پاران شاگردن ۽ شاگردياڻين کي صرف فائيزر ويڪسين لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته شاگردن کي ويڪسين لڳائي انهن جي ڊيٽا والدين ۽ اسڪول جي نالي ۽ رابطي نمبر سان رڪارڊ ڪئي وڃي.

صحت کاتي پاران ڊاڪٽر ثمرين کي شاگردن جي ويڪسين واري عمل جي نگراني لاءِ مقرر ڪيو ويو، جنهن کي چيو ويو آهي ته شاگردن کي ويڪسين لڳائڻ لاءِ تعليم کاتي جي عملدارن سان رابطي ۾ رهو.

ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ اسڪولز پاران ڪراچي، ميرپورخاص، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي اسڪولن ڏانهن خط لکي 12 سالن کان 18 سالن تائين جي شاگردن کي ويڪسين لڳائڻ جو پابند بڻايو ويو.

خط ۾ چيو ويو آهي ته اسڪولن ۾ ايندڙ صحت کاتي جي ٽيمن کي 12 کان 18 سالن تائين جي شاگردن جي انگ بابت آگاهي ڏئي کين ويڪسين واري عمل ۾ شامل ڪيو وڃي.

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔