گم ٿيل شهرين جي گهر ڀاتين جي ڪفالت ۽ سرڪاري نوڪري ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ، حڪومت کي گم ٿيل شهرين جي گهر ڀاتين جي ڪفالت ۽ سرڪاري نوڪري ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، سيڪريٽري سوشل ويلفيئر، ڊائريڪٽر بيت المال سميت ٻين کاتن جا عملدار 7 آڪٽوبر تي طلب ڪيا ويا. جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا ته گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي ڪميٽيز جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي، لاپتا شهري جي گهر واري، ڌيءُ يا پٽ کي سرڪاري نوڪري ڏني وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔