پينڊورا پيپرز تي عمران خان ڪميشن ٺاهيندو پر نتيجو نه نڪرندو: خورشيد شاهه

سکر: پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان پاران پينڊورا پيپرز تي ڪميشن ٺاهڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، عمران خان ڪميشن ٺاهيندو آهي پر ان جو ڪوبه نتيجو ناهي نڪرندو. احتساب عدالت سکر ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن چيو ته پينڊورا پيپرز ڪيس هنن جو پنهنجو آهي، مان اڄ هڪ تجويز پيش ڪري رهيو آهيان ته پارٽين کي پابند ڪيو وڃي ته چونڊ منشور کي پورو ڪن. خورشيد شاهه چيو آهي ته اليڪشن دوران سياسي پارٽين پاران جاري ڪيل منشور جي گھٽ ۾ گھٽ 50 سيڪڙو تي عمل ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو وڃي. خورشيد شاهه چيو ته پارليامينٽ کي هڪ بل پاس ڪرڻ گهرجي ته پارٽيون پنهنجي منشور تي عمل ڪرائڻ جون پابند آهن، جيڪا به پارٽي پنهنجي چونڊ منشور جي 40-50 سيڪڙو تي عمل نه ڪري ان کي نااهل قرار ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔