عدالت طرفان پٽيشن رد ڪرڻ بعد مون کي رليو ڪيو وڃي: ڊي آءِ جي عرفان بلوچ

ڪراچي: روٽيشن پاليسي تحت سنڌ پوليس جي 5 آفيسرن جي بدلي واري معاملي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان پٽيشن رد ڪرڻ بعد ڊي آءِ جي عرفان بلوچ رليور ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. عرفان بلوچ چيف سيڪريٽري کي خط اماڻي چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان پٽيشن رد ڪرڻ بعد مون کي رليو ڪيو وڃي. ياد رهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن 5 ڊي آءِ جيز کي روٽيشن پاليسي تحت بدلي ڪيو هو، آفيسرن طرفان عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔