سنڌ جي تعليم کاتي ۾ مقررين بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي لاءِ جڙيل سُپريم ڪورٽ جي بئنچ ٽٽي وئي

ڪراچي:سنڌ جي تعليم کاتي ۾ مقررين بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي لاءِ جڙيل سُپريم ڪورٽ جي بئنچ ٽٽي وئي، جسٽس يحيٰ آفريدي ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪندي پاڻمرادي نوٽيس جي اختيارن بابت سوال اُٿاري ڇڏيا. جسٽس يحييٰ آفريدي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ عوامي مفادن ۽ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي تي پاڻمرادي نوٽيس جو اختيار استعمال ڪرڻ گهرجي، طريقيڪار طئه ٿيڻ تائين پاڻمرادي نوٽيس جو اختيار استعمال ڪرڻ مناسب ناهي. ڏسڻو پوندو ته پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي لاءِ بئنچ ڪيئن جوڙي ويندي آهي، جسٽس مقبول باقر جي سربراهي ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ، نئين بئنچ جوڙڻ جو مامرو چيف جسٽس ڏانهن اُماڻي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔