غلط وار ڪاٽڻ تي ساڍا چار ڪروڙ رپيا ڏنڊ

هڪ سيلون تي ماڊل جا غلط وار ڪاٽڻ تي ساڍا چار ڪروڙ رپيا ڏنڊ لڳايو ويو.
پرڏيهي خابرو ادراري موجب عدالت جي فيصلي ۾ چيو آهي ته ماڊل پنهنجي ڊگھن وارن سبب وارن جون شيون ٺاهيندڙ ڪمپني لاءِ ڪم ڪندي آهي پر هير سيلون هن جي هدايت تي جي ابتڙ وارن کي ننڍو ڪري ڇڏيو جنهن سبب کيس مالي نقصان ٿيو آهي.
رپورٽ موجب هير سيلون دهلي جي هڪ مشهور هوٽل چين جو حصو آهي، جنهن کي عدالت جي فيصلي جي خلاف اپيل ڪرڻ جي اجازت آهي.
نيشنل ڪنزيومر ڊسپيوٽ ريڊريسل ڪميشن (اين سي ڊي آر سي) فيصلي ۾ چيو ته غلط وار ڪاٽڻ سبب ماڊل کي طئي ڪيل معاهدن ۾ ڳرو نقصان ٿيو آهي ۽ دنيا جي بهترين ماڊل بڻجڻ جو سندس خواب چڪنا چور ٿي ويو آهي.
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هير سيلون جي لاپرواهي سبب ماڊل گھري صدمي ۾ آهي ۽ هوءَ نوڪري به وڃائي ويٺي آهي.
رپورٽ موجب جڏهن ماڊل ان حوالي سان هير سيلون سان رابطو ڪيو ته هنن ماڊل کي وارن جي مفت ٽريٽمينٽ ڏيڻ جي آڇ ڪئي.
ماڊل عدالت کي ٻڌايو ته هير سيلون جي ٽريٽمينٽ سبب هنن جي وارن کي وڌيڪ نقصان ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔