سعودي عرب جي قومي ڏينهن تي حوثي باغين جا ڊرون حملا

رياض: سعودي عرب ۾ قومي ڏهاڙي جي موقعي تي حوثي باغين ڊرونز سان حملا ڪيا جن کي عرب اتحادي فوج ناڪاري بڻائي ڇڏيو.
عرب ميڊيا موجب سعودي عرب ۾ قومي ڏهاڙي جون تقريبون جاري آهن ان موقعي تي حوثي باغين طرفان سعودي شهر خميس مشيط کي ڊرونز ذريعي نشانو بڻايو ويو جن کي عرب اتحادي فوج ناڪام بڻائي ڇڏيو.
اتحادي فوج طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته يمن کان حوثي باغين باورد سان ڀريل 5 ڊرون فائر ڪيا جن ڪاميابي سان هوا ۾ ئي تباهه ڪيو ويو، اتحادي فوج سعودي رياست ۽ شهرين جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکندي.
واضح رهي ته سعودي عرب ۾ هر سال 23 سيپٽمبر قومي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو آهي، گذريل ڏينهن ان ئي حوالي سان تقريبون جاري هيون ته حوثي باغين ڊرون حملا ڪيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔