يوٽيوب واهپيدارن کي وڏي سهولت فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

يوٽيوب دنيا جي مشهور ترين وڊيو شيئرنگ سائيٽ آهي پر ان جي ڊيسڪ ٽاپ ورجن تي وڊيوز کي ڊائون لوڊ ڪرڻ ممڪن نه آهي.
هونئن ته ويب ورجن تي يوٽيوب وڊيوز کي ڊائون لوڊ ڪرڻ جي طريقن جي کوٽ نه آهي، پر ان لاءِ ٿرڊ پارٽي سائيٽس جي ضرورت پوندي آهي جيڪو خطرناڪ به ثابت ٿي سگھي ٿو.
پر هاڻ يوٽيوب ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ واهپيدارن لاءِ هڪ سولو حل متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ اهو آهي هڪ ڊائون لوڊ بٽڻ.
ميڊيا رپورٽن موجب في الحال اهو تجرباتي فيچر پريميئم سبسڪرائيبرز لاءِ دستياب آهي جيڪو ان ڪري حيران ڪندڙ نه آهي ڇو ته سبسڪرائيبرز کي اڳ ئي موبائل وڊيوز ڊائون لوڊ ڪرڻ جي سهولت دستياب آهي.
ويب ورجن ۾ اهو ڊائون لوڊ بٽڻ ڪنهن وڊيو کي کولڻ تي شيئر آپشن سان گڏ موجود ملندو جڏهن ته برائوزنگ دوران ٿري ڊاٽ مينيو ۾ دريافت ڪري سگھبو.
جڏهن ڪنهن وڊيو کي ڊائون لوڊ ڪيو ويندو ته اها آف لائين يوٽيوب وڊيوز ۾ محفوظ ٿي ويندي.
ان وڊيوز کي 144 پي سي 1080 پي ريزولوشن ۾ ڏسڻ ممڪن هوندو.
ظاهري طور تي ان فيچر ذريعي ڪنهن به وڊيو کي ڊائون لوڊ ڪري سگھجي ٿو جنهن جو دارومدار دستياب اسٽوريج تي هوندو.
اهو فيچر سڀني واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو يا نه يا ڪڏهن باضابطا طور تي متعارف ڪرايو ويندو، ان بابت اڃا ڪجهه نٿو چئي سگھجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔