شادي کان اڳ ڪنوارجي گنج ڪرائڻ واري انوکي رسم

لنڊن: شادي کان اڳ ڪنوارجي گنج ڪرائڻ واري انوکي رسم دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آفريڪا جي ملڪن ايٿوپيا ۽ صوماليا جي وچ ۾ هڪ انوکو قبيلو موجود آهي، بورانا نالي ان قبيلي جا ماڻهو ڪيترين ئي رسمن ذريعي دنيا ۾ سڃاتا وڃن ٿا انهن رسمن مان هڪ انوکي رسم قديم دور کان هلندڙ آهي. رسم تحت نينگرين کي شادي کان اڳ سٺي گهوٽ لاءِ گنج ڪرائڻ لازمي هوندو آهي، شادي کان اڳ والدين ڍيءُ جي گنج ڪرائڻ لاءِ باقاعدا رسم ڪن ٿا، رسم دوران قبيلي جا نوجوان ۽ عورتون گڏ ٿي گيت به ڳائيندا آهن. قبيلي جا ماڻهو تصويرون ڪڍرائڻ کي پڻ عيب سمجهندا آهن. سندن چوڻ آهي ته تصويرون ڪڍرائڻ سان جسم ۾ رت جي کوٽ پيدا ٿيندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔