ڪراچي جي اورنگي، محمود آباد ۽ گجر نالن جَي متاثرن کي هڪ سال ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي : ڪراچي جي اورنگي، محمود آباد ۽ گجر نالن جَي متاثرن کي هڪ سال ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، وڏي وزير مراد علي شاهه کان متاثرن جِي بحالي بابت ٻن هفتن اندر شروعاتي رپورٽ طلب ڪئي وئي آھي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت طرفان الادين پارڪ جِي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم، ڪينٽونمينٽ بورڊز، ڪي ڊي اي ۽ ڪي ايم سي کان فلاحي پلاٽس جا تفصيل طلب ڪيا ويا آھن.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جيڪب آباد ۾ حددخلين خلاف ڪيس ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض کي غلط بياني تي معافي ڏئي ڇڏي آھي، هيلٿ ۽ وٽنري اسپتال جي زمين تي اسڪول، گهر ۽ هوٽل قائم ڪرڻ تي اسلم ابڙو ۽ رياض جکراڻي کان جواب طلب ڪيوويو، عدالت صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي کان به جواب طلب ڪري ورتو.

 عدالت ڄاڻايو آهي ته سنڌ اسيمبلي جَي ميمبر اسلم ابڙو ٻڌايو ته اسڪول لاءِ زمين وڏي وزير الاٽ ڪئي، عدالت آبزرويشن ڏني ته وڏو وزير ڪهڙي ريت سرڪاري زمين الاٽ ڪري سگهي ٿو؟، سپريم ڪورٽ جيڪب آباد ۾ حددخلين بابت ڪيس ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔