مهتاب اڪبر راشدي طرفان ف ليگ کان ڌار ٿي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جي تصديق

ڪراچي : مهتاب اڪبر راشدي فنڪشنل ليگ کان ڌار ٿي وئي، ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه دوران پ پ ۾ شامل ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي.

مھتاب اڪبر راشدي جو چوڻ آھي تھ رڳو آئون نه، سڄو خاندان پ پ ۾ شامل  ٿي رهيو آهي، پير پاڳاري کي آگاهه ڪيو اٿئون،

اڄ شام فريال ٽالپر اسان جي گهر اچي رهي آهي، ملاقات بعد باضابطا اعلان ڪنداسين.

ف ليگ اڳواڻ مهتاب اڪبر راشدي طرفان ڊگهي عرصي کانپوءِ ف ليگ کان ڌار ٿي  پ پ ۾ شامل ٿيڻ جا امڪان ظاھر ڪيو ويو ھو جڏھن تھ ھاڻ مھتاب اڪبر راشدي پاڻ تصديق ڪري ڇڏي آھي.

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔