راج ڪندرا بابت 119 فحش فلمون ۽ وڊيوز وڪڻڻ جي رٿابندي ڪرڻ جو انڪشاف

ممبئي ڪرائيم برانچ جي طرفان فحش فلمن جي ڪاروبار ۾ ملوث راج ڪندرا جي حوالي سان نئون انڪشاف سامهون آيو آهي.تازو ئي فحش فلمن جي ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ٿيڻ واري ڀارتي بزنس مين ۽ اداڪارا شلپا شيٽي جي مڙس راج ڪندرا جي حوالي سان ممبئي ڪرائيم برانچ وڏو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته راج ڪندرا 119 فحش فلمن ۽ وڊيوز کي 9 ڪروڙ روپين ۾ وڪرو ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو هو.ڀارتي ذريعن موجب هي فحش وڊيوز ممبئي ڪرائيم برانچ راج ڪندرا جي اليڪٽرانڪ اوزار جهڙوڪ موبائل، ٽيبليٽ ۽ هارڊ ڊرائيو ڊسڪ مان هٿ ڪيو ويون آهن.
راج ڪندرا ان فحش وڊيوز کي مبينا طور تي 9 ڪروڙ روپين ۾ وڪرو ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو هو.ياد رهي ته راج ڪندرا گذريل 2 مهنين کان فحش فلمون ٺاهڻ ۽ انهن کي موبائل ايپ ۾ نشر ڪرڻ جي ڪيس ۾ پوليس وٽ گرفتار هو، تازو ئي گذريل ڏينهن ممبئي هاءِ ڪورٽ سندس 50 هزار روپين عيوض ضمانت منظور ڪئي هئي.ڀارتي ميڊيا موجب راج ڪندرا ٻن مهينن کانپوءِ جيل کان ٻاهر آيو آهي، ان موقعي تي راج ڪندرا جي اکين ۾ ڳوڙها به لڙي آيا ۽ هو جيل کان ٻاهر موجود ميڊيا کي نظرانداز ڪندي پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويهي هليو ويو.واضح رهي ته ممبئي ڪرائيم برانچ 2 مهينا اڳ 19 جولاءِ تي فحش فلمون ٺاهڻ ۽ انهن کي موبائل ايپليڪيشز ذريعي نشر ڪرڻ جي الزام ۾ انڊين پينل ڪورٽ جي انفارمينشن ٽيڪنالوجي تحت راج ڪندرا کي گرفتار ڪيو هو.ڪرائيم براچ سندس جي گهر ۽ آفيس مان ڪمپيوٽر سرورز ۽ 70 فحش فلمون به هٿ ڪيون، جن کي راج ڪندرا جي پرنسل اسسٽنٽ اميش ڪمات مختلف پروڊڪش هائوسز جي مدد

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔