ڪرسٽيانو رونالڊو جو سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ فٽبالرن جي فهرست ۾ پهريون نمبر

نيو يارڪ: پرتگال سان واسطو رکندڙ جڳ مشهور فٽبالر سڀ کان وڌيڪ آمدني وارن فٽبالرن جي فهرست ۾ پهرئين نمبر تي اچي ويو.
آمريڪي رسالي فوربز طرفان سڀ کان وڌيڪ دولت ڪمائيندڙ فٽبالرن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو ارجنٽينا جي ليونل ميسي کي به پوئتي ڇڏي ڏنو.
مانچسٽر يونائيٽيڊ ۾ واپس ايندڙ رونالڊو هن سال 125 ملين ڊالر ڪمائيندو، جڏهن ته بارسلونا مان پي ايس جي ويندڙ ميسي جي هن سال مجموعي آمدني 110 ملين ڊالر هوندي.
فوربز طرفان سڀ کان وڌيڪ آمدني وارن فٽبالرن جي فهرست ۾ نيمار ٽئين نمبر تي رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔