چيلهه جي سُور مان ڇوٽڪاري جو سولو حل

چيلهه جو سُور دنيا جي عام جسماني بيمارين مان هڪ آهي ۽ تحقيقي رپورٽن موجب دنيا جي هر پنجن مان چئن ماڻهن کي زندگي ۾ ڪنهن به وقت منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
عام طور تي اهو سُور پاسيري کان هيٺ شروع ٿيندو آهي ۽ پوءِ ڦهلجي ويندو آهي جيڪو گهڻي تڪليف ڏيندو آهي.
چيلهه ۾ اوچتو گهڻي تڪليف جي صورت ۾ ڪنهن به ڊاڪٽر يا فزيڪل ٿراپسٽ سان رابطو ڪرڻ گهرجي.
پر گهڻي قدر ماڻهو پاڻ به اهڙي تڪليف مان ڇوٽڪارو ماڻي سگهي ٿو.
چيلهه جي سُور ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ اهڙا ئي ڪجهه بهترين طريقا هيٺ ڏجن ٿا.
گهمڻ ڦرڻ.
ٿي سگهي ٿو ته چيلهه جي سُور ۾ گهمڻ ڦرڻ وارو مشورو توهان کي نه وڻي پر گهڻي قدر ڊاڪٽر پهريون اهو ئي مشورو ڏيندا آهن.
ماهرن موجب مريضن ۾ اهو غلط تصور عام هوندو آهي ته چيلهه جي سُور جي صورت ۾ اهو جسماني طور تي اهي متحرڪ نٿا رهي سگهن.
جيڪڏهن توهان کي اهڙي تڪليف آهي ته پنهنجي معمول واريون سرگرميون برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪيو، جيڪڏهن ائين ڪرڻ نٿا چاهيو ته گهٽ ۾ گهٽ 30 منٽن تائين تيز رفتار ۾ پنڌ ڪيو.
هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن ائين ضرور ڪيو ڇو ته رڳو ويهڪ ڪرڻ سان ڪرنگهي جي هڏي ۽ چيلهه جي آسپاس واريون رَڳون ڪمزور بڻجي وينديون آهن، جنهن جو نتيجو ڊگهي عرصي تائين تڪليف جي صورت ۾ نڪرندو آهي.
مخصوص ورزش
پيٽ جي آسپاس واري رڳن کي طاقتور بڻائڻ سان چيلهه کي به مدد ملندي آهي، رڳن کي مضبوط ۽ لچڪدار بڻائڻ سان تڪليف ۾ گهٽتائي يا انهن کان بچڻ به ممڪن هوندو آهي.
يوگا، پاليٽس ۽ ٽائي چي پُٺي ۽ ڪلهن جي چوڌاري واري رڳن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪجهه بهترين طريقن مان هڪ آهي.
مثال طور هڪ ورزش سان پٺي جي مختلف حصن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، ان جي لاءِ زمين تي پيٽ ڀَر سمهون ۽ پنهنجي ٻانهن ۽ ڄنگهن کي زمين کان مٿي ڪيو، اهڙي ريت جيئن توهان جو ڌڙ زمين تي ۽ ٻانهون ۽ پير زمين کان مٿي هئڻ گهرجن.
صحيح نموني اٿڻ ۽ ويهڪ ڪرڻ
چيلهه تي وزن گهٽ رکڻ جي لاءِ اٿڻ ويهڻ ۽ بيهڻ جي لاءِ صحيح جسماني انداز ضروري آهي.
چيلهه ۾ تڪليف دوران ائين ڪرڻ جي لاءِ ٽيپ، پٽي يا اسڪريچ بينڊز مان به مدد وٺي سگهجي ٿي ته جيئن ڪرنگهي جي هڏي کي درست انداز ۾ رکي سگهجي.
چيلهه جهڪائي ويهڻ سان چيلهه جي سُور کي بدتر بڻائيندي آهي خاص ڪري جڏهن گهڻي دير تائين ويهڪ ڪجي ته، ان اهو ضروري آهي ته ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ دوران ڪي بورڊ ڏانهن جهڪڻ کان پاسو ڪيو ۽ بلڪل سڌا ٿي ويهو جڏهن ته ڪلهه کي به ڍِلو ڇڏيو.
وزن ۾ گهٽتائي آڻڻ
واڌو وزن ۾ گهٽتائي آڻڻ به چيلهه تي سُور ۾ گهٽتائي جو سبب بڻبو آهي ڇو ته ائين ڪرڻ سان چيلهه تي وزن جو ٻوجهه ڪجهه گهٽجي ويندو آهي.
ماهرن چيو آهي ته جسماني وزن ۾ گهٽتائي ۽ چيلهه جي سُور مان ڇوٽڪاري جي حوالي سان وڏو مددگار ثابت ٿيندو آهي ڇو ته ائين ڪرڻ سان ڪرنگهي جي هڏي تي گهٽ دٻاءُ پوندو آهي.
جيڪڏهن ان حوالي سان مدد جي ضرورت آهي ته ڪنهن ڊاڪٽر کان خوراڪ ۽ ورزش پلان جي بابت مشورو ڪيو جيڪو توهان جي لاءِ بهتر ثابت ٿيندو.
سگريٽ پيئڻ کان پاسو ڪرڻ
تحقيقي رپورٽن مان خبر پئي آهي ته تماڪ واپرائڻ واري ماڻهن جي ڪرنگهي واري هڏي جي مسئلن وارا خطرا اهڙي عادت کان پري رهندڙ ماڻهن جي مقابلي ۾ 4 ڀيرا وڌيڪ هوندا آهن.
تماڪ ۾ موجود نڪوٽين ڪرنگهي جي هڏي جي ٿُڏن کي ڪمزور ۽ جوڙن جي اسپرنگ جهڙن حصن کي اهم خوراڪن کان محروم ڪرڻ واري شيءِ آهي.
صحتمند ڪرنگهي واري هڏي چيلهه کي لچڪدار ۽ رڳن کي سخت ٿيڻ کان بچائيندي آهي.
گرم يا ٿڌي شين جي مدد
چيلهه جو سُور گهٽائڻ جي لاءِ توهان کي گرم پاڻي جي بوتل يا هڪ آئيس پيڪ جي ضرورت پوندي، پاڻي جي بوتل يا آئيس پيڪ کي سُور واري جاءِ تي 20 منٽن تائين رکو.
عام طور تي برف ورم يا سوڄ ۾ گهٽتائي جي لاءِ بهترين هوندي آهي ۽ رڳن کي سڪون پهچائڻ لاءِ بهترين هوندي آهي.
جيڪڏهن متاثر حصي تي ڪا ڪريم لڳل هجي ته پوءِ ٻنهي طريقن کان پاسو ڪريو.
ان سان گڏ چيلهه جو سُور گهٽائڻ لاءِ عام طور تي استعمال ٿيندڙ ٽڪيون جهڙوڪ اسپرين، بروفين يا نان اسٽيروڊيل اينٽي انفليميٽري دوائون وغيره جنهن جي لاءِ ڊاڪٽر سان مشورو ڪري به دوائون استعمال ڪري سگهجن ٿيون ۽ مرهم پٽي يا ڪريم جو استعمال ڪري به چيلهه جي سُور مان ڇوٽڪارو ماڻي سگهجي ٿو.
نه رڳو ايترو پر غذائي طريقيڪار ۾ تبديلي ڪري به اهڙي سوُر مان جند آجي ڪري سگهجي ٿي جهڙوڪ وٽامن ڊي، ڪيلشيم ۽ ميگنيشيم جو استعمال، ڇو ته وٽامن ڊي، ڪيلشيم ۽ ميگنيشيم جي کوٽ به چيلهه جي سُور جو سبب بڻبي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔