افغانستان ۾ طالبان تي حملا، 5 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل : افغانستان جي اوڀر حصي ۾ هٿياربندن طرفان طالبان تي حملا ڪيا ويا آهن.
اکين ڏٺن شاهدن موجب انهن حملن ۾ طالبان جا ٻه ويڙهاڪ ۽ ٽي عام شهري مارجي ويا.
جلال آباد جي صوبائي تخت گاهه جي هڪ پيٽرول پمپ تي فائرنگ جي واقعي ۾ طالبان جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو، ان حملي ۾ هڪ ٻار سميت 3 ڄڻا مارجي ويا.
جلال آباد ۾ ئي هڪ بم ڌماڪي ۾ ٻار ۽ ٻه طالبان ويڙهاڪ زخمي ٿي پيا.
افغانستان ۾ انهن تازن حملن جي ذميواري اڃا تائين ڪنهن به گروهه قبول ناهي ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔