جوز بٽلر جي پاڪستاني شوقينن کي وڏي خاطري

لنڊن : انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين جوز بٽلر چيو آهي ته اسان کي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۽ شوقينن سان همدردي آهي، جيڪي مهمان ٽيم کي ڀليڪار چوڻ لاءِ تيار هئا پر دورو رد ٿي ويو.
هڪ بيان ۾ جوز بٽلر چيو ته مون کي پاڪستاني شوقينن ۽ رانديگرن جي جذبن جو احساس آهي، انهن سان همدردي جو اظهار ڪيان ٿو، درست وقت نه هو، تنهن ڪري انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جو دورو رد ڪيو.
هن چيو ته مان پاڪستان سپر ليگ ۾ کيڏندڙ ڪرڪيٽرن سان پاڪستان ۾ کيڏڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، سندن چوڻ هو ته اهي لطف اندوز ٿيندا آهن.
جوز بٽلر اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ سال انگلينڊ جو پاڪستان دورو شيڊيول موجب ٿيندو ۽ مان به پهريون ڀيرو پاڪستان جي سرزمين تي کيڏندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔