اسڪولي بئنچز جي خريداري واري معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي: سعيد غني

ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني چيو آھي تھ اسڪولي بئنچز جي خريداري واري معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، حقيقتون عوام آڏو پڌريون ڪيون وڃن، ڪوبه وزير، سيڪريٽري يا ڪميٽي مرضيءَ سان خريداري نٿا ڪري سگهن، سيپرا رولز تحت خريداري ڪئي ويندي آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ اسڪولي بئنچز اسڪينڊل تي خطاب دوران صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته 2018ع ۾ ٽينڊر آيو ته 5 کان 7 هزار في بئنچ جا اگهه ڏنا ويا، ڪميٽي اُهو ٽينڊر رد ڪري ڇڏيو هو.

2019ع ۾ ٽينڊر اچڻ بعد ساکائتي ڪمپنيز 21 هزار کان 26 هزار رُپيا في بئنچ اگهه ڏنو، خريداري شفاف بڻائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ، نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل کي خط لکيا، افسوس ته چئني ادارن پنهنجا نمائندا مقرر نه ڪيا، ڊي جي نيب پروڪيورمينٽ ۾ مداخلت کان انڪار ڪيو، ٻڌايو وڃي ته خريداري شفاف بڻائڻ لاءِ وڌيڪ ڇا ڪرڻ گهرجي ها؟.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔