ڪراچي ۾ 20 سيپٽمبر کان پوليو مهم هلائڻ جو اعلان

ڪراچي : ڪراچي ۾ 20 سيپٽمبر کان 7 ڏينهن لاءِ پوليو مهم شروع ڪئي ويندي، 5 سالن کان گھٽ عمر وارن 23 لک ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. ان حوالي سان ڪراچي جي ڪمشنر نويد شيخ جي صدارت هيٺ پوليو بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هڪ سال دوران  پوليو جو هڪ ڪيس به ظاهر ناهي ٿيو، ڪمشنر نويد شيخ چيو ته 23  لک کان وڌيڪ 5 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا، مهم ۾ 23 هزار عملو حصو وٺندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔