چيف جسٽس سميت ججز ۽ سرڪاري ملازمن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ معطل

اسلام آباد: اسلام آباد هائڪورٽ شهر جي سيڪٽر ايف 14 ۽ 15 ۾ چيف جسٽس سميت ججن ۽ سرڪاري آفيسرن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ معطل ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني پابندي وارو حڪم جاري ڪيو. چيف جسٽس چيو ته جن متاثرين کان زمينون ورتيون ويون، جن کي پلاٽ الاٽ ٿيا، اهي هن اسٽي آرڊر سان متاثر نه ٿيندا.

 فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائز ھائوسنگ فائونڊيشن جي ڊپٽي ڪمشنر ، ڊائريڪٽر اسٽيٽ ۽ ڊائريڪٽر قانون عدالت ۾ پيش ٿيا. فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائز هائوسنگ فائونڊيشن چيو ته وفاقي ڪابينا ان مسئلي تي هڪ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي جيڪا ڪابينا کي رپورٽ پيش ڪندي. چيف جسٽس چيو ته اسان وفاقي ڪابينا کان پڇيو آهي ته پاليسي ڇا آهي، جن کي ڪرپشن تي ڪڍيو ويو، انهن ججز کي به پلاٽ ڏنا ويا، توهان ٻڌايو ته ايف 14 ۽ 15 ۾ ڪيترا ميمبر آهن جن کي پلاٽ ناهن مليا؟ هن چيو ته مزدور جو ڪهڙو ڏوهه آهي، انهن کي پلاٽ ڇو نٿا ڏيو؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔