سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 27 مريض فوت، 1082 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 27 مريض فوت، 1082 نوان ڪيس ظاهر ٿيا. اهڙي ريت صوبي ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ وڌي 7116 ٿي ويو آهي. اڄ 632 وڌيڪ مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد صحتياب ٿيندڙن جو انگ وڌي 386998 ٿي ويو آهي.هن وقت 48924 مريض علاج هيٺ آهن. 48115 گھرن ۾ ، 40 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 769 مريض مختلف اسپتالن ۾ آهن، جن مان 689 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻائي پئي وڃي. 57 مريض وينٽيليٽر تي آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔