ٻٽي پاليسي نه ھلندي، نواز ليگ پنھنجي پوزيشن واضح ڪري: بلاول ڀٽو

رحيم يار خان: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ ووٽ جي عزت ڪريو ٿا ته ڪٺ پُتلي عثمان بزدار کي ڪيرايو، عمران خان جي حڪومت پاڻهي ڪِري پوندي، اسان سان گڏجي ووٽ جو حق استعمال ڪريو يا پنهنجي ڳالهه تي هلندي استعفيٰ ڏئي ڇڏيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان نواز ليگ کي چئلينج ڪيو ويو آھي، بلاول ڀٽو چيو تھ ٻنهي مان هڪڙو ڪم کي ڪرڻو پوندو. رحيم يار خان ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ائين نٿو ٿي سگهي ته ووٽ جي عزت جي ڳالهه ٿئي ۽ ووٽ جي استعمال جو وقت اچي ته ڀڄي وڃو، ٻٽي پاليسي نه هلندي، يا اپوزيشن سان گڏ بيهو يا اعلان ڪريو ته حڪومت سان گڏ آهيو. اسان توهان کي مجبور ڪنداسين ته عثمان بزدار ۽ عمران خان کي گهر اُماڻيو، شفاف چونڊيون ٿيون ته عوامي حڪومت ايندي، پيپلز پارٽي عوامي حڪومت لاءِ ڪردار ادا ڪندي، اڳتي هلي وفاق ۽ صوبن ۾ پ پ جي ئي حڪومت، ڪٺ پُتلي کي ملڪ ۾ مڙهيو ويو پر عمران خان پنهنجو هڪ به واعدو نه پاڙيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔