پنگريو ۽ ڀرپاسي ڦٽي کي بيماري، سوين ايڪڙ فصل خراب، آبادگار پريشان

پنگريو ۽ ڀرپاسي سوين ايڪڙن تي پوکيل ڦٽي جي فصل تي برساتن بعد گلابي سنڊي (گڏر) حملو ڪري ڏنو آھي، جنھن سان گوگڙو ڪارو ٿي ويو آھي ۽ ڦٽي خراب ٿي وئي آھي، ان حوالي سان آبادگارن چيو ته ھن سال ڦٽي جو فصل پنھنجي پيداوار جي عروج واري مرحلي ۾ ھو ته گذريل ھفتي پيل برساتن بعد گلابي سنڊي گھميل موسم سبب فصل تي خطرناڪ حملو ڪري ڏنو آھي، هنن چيو ته  مارڪيٽ ۾ موجود زرعي دوائن جي استعمال باوجود 50سيڪڙو کان وڌيڪ گوگڙو خراب ٿي ويو آھي، جنھن مان ڪپھه حاصل نه ٿي سگھندي، جنھن ڪري پيداوار گھٽجي ويندي، هنن چيو ته فصل کي بيماري لڳڻ سبب لکين رپين جو نقصان ٿي رھيو آھي، شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن زراعت کاتي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فصل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔