افغانستان جي نئين حڪومت ۽ اڳواڻن سان رابطي لاءِ تيار آهيون: چين

بيجنگ: چين جو طالبان جي افغانستان ۾ عبوري حڪومت جي اعلان تي رد عمل سامهون اچي ويو. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بن چيو آهي ته اهي افغانستان جي خودمختياري ، آزادي ۽ سالميت جو احترام ڪن ٿا. هن چيو ته هو افغانستان جي نئين حڪومت ۽ اڳواڻن سان رابطي لاءِ تيار آهن. ان کان اڳ پرڏيهي وزارت جي ترجمان طالبان جي عبوري حڪومت جي اعلان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو ۽ چيو هو ته طالبان کي سندن ڳالهين سان نه پر انهن جي عملن سان پرکيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔