ڪراچي:مهراڻ ٽائون ۾ فيڪٽري سانحي ۾ فيڪٽري مالڪن سميت سنڌ جا لاڳاپيل ادارا به ذميوار قرار

ڪراچي: ڪراچي جَي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ فيڪٽري سانحي ۾ فيڪٽري مالڪن سميت سنڌ جا لاڳاپيل ادارا به ذميوار قرار ڏنا ويا آھن، عدالت چيو آهي ته ڪيس ۾ لاڳاپيل کاتن کي شامل نه ڪرڻ متاثرن سان ناانصافي هوندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ فيڪٽري مالڪن جي ضمانت واري درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رهائشي پلاٽ تي غير قانوني فيڪٽري قائم ڪئي وئي. خوفناڪ حادثي ليبر کاتي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڪي ايم سي ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي وائکي ڪري ڇڏي، فيڪٽري ۾ انساني جانيون بچائڻ لاءِ ايمرجنسي سهولت نه هئي، فيڪٽري جو مک گيٽ بند هجڻ سبب 17 انساني جانيون ضايع ٿي ويون. عدالت چيو ته فائر برگيڊ عملو دير سان پهتو، پاڻي جي کوٽ ۽ عملي جي کوٽ به سانحي جو ڪارڻ قرار ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔