يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جا ملازمن به نوڪرين تان فارغ

يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪندي ملازمن کي گھر ڀيڙو ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
يوٽيلٽي ڪارپوريشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪندي بحال ملازمن کي نوڪرين تان برطرف ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ 441 ملازم شامل آهن.
چيف فنانشل آفيسر کان برطرف ڪيل ملازمن کي ادا ڪيل رقم جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.
حڪم نامو برطرف ايڪٽ 2010 تحت بحال ملازمن تي لاڳو ٿيندو.
حڪم نامي موجب لاڳاپيل زونل مينيجرز گريڊ 13 تائين جڏهن ته گريڊ 14 يا ان کان مٿي برطرف ملازمن جي خلاف هيڊ آفيس جي سطح تي ڪارروائي ٿيندي.
حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته بحالي وقت حاصل ڪيل مالياتي فائدا ملازمن کان وصول ڪيا ويندا پر بحالي کان پوءِ پگھارن ۽ الائونسز تحت حاصل ڪيل رقم واپس نه ورتي ويندي.
حڪم نامي موجب 17 آگسٽ تي سپريم جو فيصلو جاري ڪيو ويو هو جنهن تي عمل درآمد ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔