پاڪستان جو پهلوان انعام بٽ بيچ ريسلنگ ورلڊ سيريز ۾ سوڀارو

روم: پاڪستان جو پهلوان انعام بٽ بيچ ريسلنگ ورلڊ سيريز ۾ گولڊ ميڊل کٽي ورتو آهي.
اٽلي ۾ جاري بيچ ريسلنگ ورلڊ سيريز جي فائنل ۾ يوڪرين جي پهلوان يڪوشڪ کي انعام بٽ هڪ طرفي مقابلي ۾ 0-3 تان هارائي ڇڏيو.
ان کان اڳ انعام بٽ سيمي فائنل ۾ رومانيا جي پهلوان کي به 0-3 تان شڪست ڏني هئي.
ڪواٽر فائنل ۾ انعام بٽ ترڪي جي ريسلر کي هارايو هو.
انعام بٽ جي ڪاميابي تي ان جي پيءُ جو چوڻ آهي ته پُٽ چوٿون ڀيرو گولڊ ميڊل ماڻيو آهي، پٽ پاڪستان جو نالو رشن ڪيو آهي جنهن تي فخر محسوس ڪيان ٿو.
هن چيو سڄي خاندان ۽ عزيزن کي منهنجي پُٽ تي فخر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔