سرڪاري ملازمن لاءِ واٽس ايپ جي متبادل بيپ ايپ تيار

اسلام آباد: انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت سرڪاري ملازمن جي لاءِ واٽس ايپ جي متبادل بيپ ايپليڪيشن تيار ڪري ورتي آهي.ايپ بابت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير سيد امين الحق ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ ڪجهه هفتن کان پوءِ اسان بيپ ايپليڪيشن لانچ ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هي ايپ سمورن سرڪاري ملازمن جي لاءِ هوندي. سيد امين الحق ٻڌايو ته هن ايپ جي سار سنڀال اين ٽي سي ڪندي ان لاءِ اها محفوظ هوندي هي ايپ بڻجي چڪي آهي ٽرائل تي آهي ڪجهه هفتن ۾ لانچ ڪئي ويندي.هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ هن ايپ ۾ صرف ٽيڪسٽ ميسج جي سهوليت هوندي. ٻئين مرحلي ۾ وائس ۽ وڊيو ڪال جي سهوليت به موجود هوندي. هن چيو ته هن ايپ کي شروعاتي اسٽيج ۾ صرف وفاقي سرڪاري ملازمن جي لاءِ لانچ ڪيو ويندو. واضح رهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن وفاقي سرڪاري ملازمن کي خط لکي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ کان منع ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔