ڪراچي ۾ برسات روڊ رستا ٻوڙي ڇڏيا، ڪرنٽ لڳڻ سبب 4 ڄڻا فوت

ڪراچي : ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن کان هلندڙ وقفي وقفي سان برسات جي ڪري روڊ رستا تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 5 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا.

گذريل رات کان وقفي وقفي سان جاري برسات شهر جا هيٺاهين علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، مختلف علائقن ۾ روڊ پاڻي سان ڀرجي وڃڻ ڪري گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون خراب ٿيڻ ڪري شهرين کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو.

شاهراه فيصل، ايم اي جناح روڊ، بلوچ ڪالوني ايڪسپريس وي، جوهر موڙ، نيپا پل، سفاري پارڪ، لياقت آباد، گرو مندر، ڪالا بورڊ، ملير هالٽ، سرجاني، ناگن چورنگي، حيدري، گارڊن، ڊفينس، ڪلفٽن، صدر، لياري، شير شاهه ۽ ٻين علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو.

جڏهن ته برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ هڪ ٻارڙي سوڌو 4 ماڻهو فوت ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪلفٽن شاهه رسول ڪالوني ۾ ڪرنٽ لڳڻ گهر جي ٻاهر راند کيڏندڙ 4 سالن جي تانيه دم ڏئي ڇڏيو، لياقت آباد ۾ 50 ورهين جو صابر، لائيٽ هائوس جي  چمپل گهٽي  ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ساجد لوڌي ۽ بلديا جي علائقي  ۾ ياسين ڪرنٽ لڳڻ سبب موت جي ور چڙهي ويو.

واضح رهي ته ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ ۾ اڄ نجي اسڪولز بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انٽر بورڊ جا اڄ ٿيڻ وارا امتحان ۽ پريڪٽيڪل به ملتوي ڪيا ويا آهن، جن جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔