طالبان پاران اڄ ئي حڪومت ٺاھڻ جو امڪان

ڪراچي:افغانستان مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ اڄ افغان حڪومت ٺاهڻ جو امڪان آهي ۽ ان سلسلي ۾ طالبان جمعي جي نماز کانپوءِ ڪابل ۾ هڪ اهم اجلاس طلب ڪري وررتو.

پرڏيهي ميڊيا موجب طالبان پاران اڄوڪي ٿيندڙ اجلاس ۾ حڪومت جي سربراهه ۽ ڪابينا بابت فيصلو ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، ملا هيبت الله کي طالبان حڪومت جو سپريم ليڊر جڏهن ته ملا عبدالغني برادر کي حڪومت جو سربراهه بڻائڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته قطر ۾ طالبان جي سياسي آفيس جو ڊپٽي ڊائريڪٽر شير محمد عباس ستانکزئي کي افغانستان جو پرڏيهي وزير مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ملا ضعيف کي پاڪستان ۾ سفير طور مقرر ڪيو ويندو.

ذريعن موجب طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد ۽ سراج الدين حقاني کي به ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، ان کان علاوهه، طالبان حڪومت ۾ عبدالله عبدالله، حامد ڪرزئي، گلبدين حکمتيار سوڌو ٻين افغان اڳواڻن کي به شامل ڪري سگهجي ٿو.

ياد رهي ته طالبان 15 آگسٽ تي ڪابل جو ڪنٽرول سنڀاليو هو ۽ اعلان ڪيو هو ته جيستائين افغانستان ۾ هڪ به آمريڪي فوجي موجود آهي ان وقت تائين حڪومت جو اعلان ڪيو ويندو ۽ نه ئي ڪابينا جوڙي ويندي.

آمريڪا 31 آگسٽ کان اڳ ئي افغانستان مان نڪري ويو، جنهن کانپوءِ طالبان حڪومت ٺاهڻ لاءِ مشاورت تيز ڪئي ڇڏي هئي ۽ افغان ميڊيا جي رپورٽس موجب هاڻي طالبان حڪومت ٺاهڻ لاءِ پنهنجي مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔